حيدر ڪرار

حيدر ڪرار (لقب): حيدر معنيٰ شينهن آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو هيءُ نالو سندس والده حضرت بيبي فاطمه بنت اسد رضه رکيو هو. ستين هجريءَ ۾ خيبر جي جنگ ۾ حضرت علي رضه مرحب يهوديءَ جي پڙهيل رجز جي جواب ۾ پنهنجو نالو حيدر هيئن استعمال ڪيو:
انَا الّذِي۫ سَمّيت۫نِي اُمّيِ حَي۫درَه۫،
اَکي۫لُکُم۫ بِالسّي۫فِ کَي۫لَ السّـن۫دَرَه۫،
لَي۫ث۫ بِغَابَاتِ شَدِي۫د قَس۫وَرَه۫.
[ترجمو: آءٌ اهو آهيان جو منهنجي ماءُ منهنجو نالو ’حيدر‘ رکيو آهي، آءٌ توکي تلوار جي وڏي پيماني تي ماپيندس (يعني تلوار جي ڌار جي هيٺان رکي توکي سري عام قتل ڪندس)، آءٌ جهنگ جو سخت بي پرواهه شينهن آهيان.]
حضرت علي ڪرم الله وجهه، حيدر ڪرار جي لقب سان خيبر جي فتح ۽ شجاعت سبب عام ٿيو. خيبر جي فتح جي موقعي تي حضور صه جن فرمايو ته: ”لاَد۫فَعَنّ الرّايَةَ غَدًا ان۫ شاءَ اللهُ اِليٰ رَجُل کَرّارً غَي۫رَ فَرّارً يُحِـُّب اَلله وَ رَسُو۫لَھ۬ وَيُحِبّھُ اللهُ وَ رَسُو۫لُھ۬ لاَيَن۫صَرِفُ حَتّيٰ يَف۫تَحَ اللهُ عَلَيَ يَدِهۭ“ (ترجمو: آئون انشاءَ الله سڀاڻي جهنڊو انهيءَ مرد جي حوالي ڪندس جيڪو ڪرار (وڌي وڌي حملي ڪرڻ وارو) ۽ نه ڀڄڻ وارو هوندو. هو الله ۽ ان جي رسول صه سان محبت ڪندڙ هوندو. الله ۽ ان جو رسول صه ان سان محبت ڪندڙ هوندا. اهو ميدان مان ان وقت تائين واپس نه ايندو جيستائين الله ان جي هٿان (خيبر) فتح نه ڪرائي. (حوالو: دائره معارف اسلاميه ص 735) (وڌيڪ ڏسندا: علي عليه السلام)


لفظ حيدر ڪرارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو